امين فهيم پارٽي جو انمول اثاثو هو، پ پ جو بنياد لاهور ۾ رکيو ويو پر  ان جي واڌ ويجهه هالا ۾  ٿي : قائم علي شاهه

حيدرآباد (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيدقائم علي شاهه چيو آهي ته مخدوم امين فهيم جي وڇوڙي سان نه رڳو سروري جماعت پر ان سان گڏوگڏ پاڪستان پيپلزپارٽي گهري ڏک ۽ غم ۾ مبتلا آهي . مرحوم مخدوم امين فهيم وڏين خوبين جو مالڪ هو هو نه رڳو هڪ سياستدان هو پر  اديب، شاعر ۽ نفيس شخصيت جو مالڪ  پڻ هو جنهن ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي . هن چيو ته هو پارٽي  جو وائيس چيئرمن هو پر سندس حيثيت پارٽي ۾  ان کان به وڌيڪ هئي. سومر ڏينهن هالا ۾ مرحوم مخدوم امين فهيم  جي  ٽيجهي جي موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وڏي وزير چيو ته مخدوم امين فهيم سياست ، جمهوريت ۽ عوام  جي حقن  ۽  ڀٽو جي مشن  لاءِ  جدوجهد ڪئي ۽ پ پ پ سان جهڙي طرح  سندس والد مرحوم وفادار  رهيو اهڙي طرح مرحوم  امين فهيم به شهيد ذوالفقار  ڀٽو  ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو  سان مرڻ تائين  وفاداري نڀائي. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد لاهور ۾ رکيو ويو پر  ان جي واڌ ويجهه هالا ۾  ٿي . هن چيو ته مرحوم  جي مخالفن طرفان کيس ڪيترائي ڀيرا  وزير اعظم  بڻائڻ جي آڇ ڪئي وئي جنهن کي هن پارٽي جي ڪري رد ڪيو . هو پنهنجي والد وانگر  ثابت قدم رهيو ۽ ڪڏهن به ذاتي مفادن کي ترجيح  نه ڏني ۽ هميشه پارٽي  جي مفاد ۾ ڪم ڪيو. هن چيو ته مخدوم امين فهيم  جي لاڏاڻي  سان  نه فقط  پاڪستان پيپلزپارٽي  پر سڄي ملڪ  جو نقصان  ٿيو آهي ۽ اهو خال صدين تائين ڀري نٿو سگهجي. هن چيو ته اميد آهي ته  مخدوم صاحب جو ڪٽنب به پنهنجن بزرگن جي نقش قدم تي هلندي پ پ پ ۽ عوام جي حقن لاءِ نوجوان قيادت بلاول ڀٽو جا هٿ مضبوط  ڪندا . ان کان اڳ  هزارين مريدن ۽ سروري جماعت  جي خليفن ۽ مختلف قومن جي سردارن  جي موجودگي ۾ سروري جماعت جي 19 هين روحاني پيشوا  مخدوم جميل الزمان جي دستاربندي ڪئي وئي . ان موقعي تي ايم اين اي فريال ٽالپر ، نڌ اسيمبلي جو سپيڪر آغا سراج دراني ،  چوڌري اعتزاز احسن، پنجاب جو اڳوڻو گورنر لطيف کوسا، پير مظهر الحق ، ميان منظور وٽو ، ڄام مدد علي ، ڄام معشوق علي ، ايم اين اي روشن  جوڻيجو ، عبدالحئي بلوچ ، ڊاڪٽر سهراب سرڪي ، عرفان الله مروت ، صوبائي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو ، اصغر جوڻيجو ، ڊي سي مٽياري غلام مرتضيٰ شيخ ، ايس ايس، پي  امجد شيخ ۽ ٻيون  اهم شخصيتون  موجود هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *