حيدرآباد (اي پي پي) امير المومنين، امام المتقين، سيدالاوليا، وصي رسول الله، اسد الله الغالب حضرت علي المرتضيٰ رضه جو شهادت وارو ڏهاڙو (اڄ) خميس تي پاڪستان سميت دنيا جا مسلمان مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندا. سنڌ حڪومت، حضرت علي جي شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي سڪيورٽي خدشن سبب ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر۾ موبائل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت جي فيصلي تحت اڄ شام 4 وڳي کان رات نائين وڳي تائين رڳو ڪراچي ۾ موبائل فون سروس بند رهندي. ذريعن موجب سڀاڻي صبح جو نائين وڳي کان رات نائين وڳي تائين ڪراچي، حيدرآباد ۾ سکر ۾ موبائل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
ان ڏينهن جي حوالي سان مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ خاص تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جڏهن ته علماءِ ڪرام حضرت علي رضه جي حياتي مبارڪ تي روشني وجهندا. ايڪيهين رمضان المبارڪ تي مومن جو امير، پرهيزگارن جو امام پنهنجي حبدارن کي ڇڏي پنهنجي پروردگار ڏانهن راهي ٿيو. 19 رمضان تي اميرالمومنين حضرت علي ابن ابي طالب عليه الصلاة والسلام، کي دنيا ۽ آخرت ۾ سڀني کان وڌيڪ بدبخت شخص ابن ملجم مسجد ڪوفه ۾ نماز جي حالات ۾ محراب مسجد ۾ پنهنجي زهر سان ڀريل تلوار ذريعي وار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ مولا پاڪ شديد زخمي ٿي ويا ۽ 21 رمضان تي هن فاني دنيا کي ڇڏي پنهنجي پروردگار ڏانهن راهي ٿيا هئا. ان ڏهاڙي جي حوالي سان سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويندا. اي پي پي/ ع – ح/ ن- ش 14:59