اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته پ پ ۽ اي اين پي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪن، اسان ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون. اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جو اجلاس مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ٿيو، جنهن ۾ پ پ، اي اين پي جي پريس ڪانفرنسز ۽ بيانن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ پ پ ۽ اي اين پي کي ڇڏي 8 جماعتن جي نمائندن کي دعوت ڏني وئي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم عهدي لاءِ وڙهڻ جو فورم ناهي، نٿا چاهيون ته تنظيمي معاملا چوراهن تي آڻيون، وڏيون ڏکيائيون آيون آهن، تنهن ڪري ڳالهين ذريعي حل ڪڍو. هن چيو ته اسان مڪمل احترام ڪندي جواب طلب ڪيا پر افسوس ته جواب ڏيڻ بدران استعيفائون موڪليون ويون، پ پ ۽ اي اين پي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪن، اسان ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون. سندس چوڻ هو ته وضاحت طلب ڪرڻ اسان جو حق هو، اسان کي اميد ئي نه هئي ته اهي ”باپ“ کي ”پيءُ“ بڻائيندا، خبرون آيون ته انهن وضاحت طلبي جو نوٽيس ڦاڙي ڇڏيو، آخري خبرون آيون ته اهي ڪير ٿيندا آهن اسان کان ڀڇڻ وارا. فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم پنهنجا فيصلا رمضان ۾ ڪري ڇڏيندي، تحريڪ جي رفتار تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، پي ڊي ايم جي رفتار ۽ اڳتي وڌڻ ۾ ڪا تبديلي نه آڻينداسين، پنهنجي دوستن کي واپس آڻڻ لاءِ اسا انتظار ڪيو ۽ اڳتي به ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي بيان بازي ۾ ناهي وچڙڻو، اهو اسان جو آخري بيان آهي، اسان طرفان جواب اچي ويو آهي، اميد ته اهي بالغپڻي جو مظاهرو ڪندا.