اميد آهي ته ايندڙ ٻن سالن ۾ ملڪ مان پوليو جو وائرس ختم ٿي ويندو: صدر

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايندڙ ٻن سالن ۾ ملڪ مان پوليو جو وائرس ختم ٿي ويندو پوليو کي ڦهلائڻ جو ذميوار پاڪستان نه پر اهي عناصر آهن جيڪي خطي ۾ دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جو سبب آهن پاڪستان پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي بين الاقوامي برادري پاڪستان کي ان ڏس ۾ جوڳو تعاون فراهم ڪري ته جيئن هو مسئلن کي منهن ڏيڻ بنا هن بيماري جي روڪٿام لاءِ بهتر نموني ڪم ڪري سگهي. هن اها ڳالهه انٽرنيشن ل پوليو پلس ڪميٽي جي چيئرمين ۽ روٽري فائونڊيشن جي وائيس چيئرمين مائيڪل جيميڪ گودرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي جنهن اڱاري تي هتي ايوان صدر ۾ وفد سان گڏ ان سان ملاقات ڪئي صدر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جو پوليو جي روڪٿام لاءِ ارادو مضبوط آهي هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پوليو روڪٿام پروگرام اعليٰ ترين سطح تي حڪومت جي تائيد حاصل آهي صدر ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته سمورن صوبن جا وڏا وزير ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ تي خاص توجهه ڏيئي رهيا آهن ته پوليو پروگرام جي هر ٻارڙي تائين پهچ هجي صدر وفد کي يقين ڏياريو ته هو ذاتي طور تي گورنرز سان ڳالهائيندو ۽ انهن تي زور وجهندو ته هو هن وائرس جي مڪمل پاڙ پٽڻ لاءِ انتظامي خامون ختم ڪن. صدر چيو ته بين الاقوامي برادري جي هڪ ذميوار ميمبرن جي حيثيت سان پاڪستان نه صرف پنهنجن ٻارڙن پر پنهنجن سرحدن کان ٻاهر جي ٻارڙن جي حوالي سان پنهنجي ذميواري کان چڱي طرح آگاهه آهي صدر ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته پاڪستان جي حڪومت جي دهشتگردي خلاف فيصلائتي ڪارروائي جي پوليو روڪٿام مهم جي قدمن تي مثبت اثر پيا آهن صدر نشاندهي ڪئي ته پوليو بابت ٽيڪنيڪي مشاورتي گروپ ۽ پوليو بابت بين الاقوامي مانيٽرنگ بورڊ جي تازن اجلاسن ۾ مشاهدو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ پوليو پروگرام صحيح نموني وڃي رهيو آهي صدر يقين ڏياريو ته پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ملڪ بنائڻ تائين پوليو روڪٿام مهم مضبوط سياسي ازم اثرائتي گڏيل رابطي ۽ هصيدارن جي حمايت سان اعليٰ ترين قومي ترجيحي آهي ملاقات ۾ ٻين سمين روٽري انٽرنيشنل ۾ ڊائريڪٽر پوليو پروگرام ڪيرل اي پنڌاڪ نيشنل چيئر پاڪستان پوليو پلس ڪميٽي عزيز ميمڻ ۽ صدارتي سيڪريٽريٽ جا سينيئر عملدار شامل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *