اميتاڀ بچن نئين شو ”آج ڪي رات هي زندگي“ جي ميزباني ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن ننڍي اسڪرين جي نئين شو ”آج ڪي رات هي زندگي“ جي ميزباني ڪندو. ڀارتي ميڊيا ذريعن موجب اهو شو معاشري لاءِ غير معمولي ماڻهن ۾ رحم دلي جو جذبو اجاگر ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو. شو جي ميزباني اميتاڀ بچن ڪندو جيڪو 18 آڪٽوبر تي اسٽار پلس تان نشر ٿيندو. اميتاڀ جو چوڻ آهي ته کيس خوشي آهي ته هو ان شو ذريعي معاشري ۾ هاڪاري رجحانن کي هٿي وٺرائڻ جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته اسان کي هر روز ناڪاري رجحانن جو منهن ڏسڻُ پوي ٿو، اخبارن ۽ ٽي وي تي به اهڙيون خبرون پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون.ان جي باوجود به اسان کي ڪجهه سٺا ماڻهو ۽ سٺيون ڳالهيون نظر اچن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *