امن چاهيون ٿا، ڀارت مسلسل جنگبندي جي ڀڃڪڙي پيو ڪري: پاڪستان

سيالڪوٽ  (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته موجوده حڪومت آئيني مدو پورو ڪندي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي بطور وزيراعظم جي نامزدگي ميان نواز شريف جي هڪ بهترين سوچ هئي، موجوده حڪومت نواز شريف جي مشن کي پورو ڪندي، افغانستان سان دوستي وارا لاڳاپا پاڪستان جي خواهش آهي ان لاءِ باقائده افغانستان کي لائحه عمل جوڙڻو پوندو، جلد پاڪستان دهشتگردن جي چنبي مان آزاد ٿي ويندو، هو آچر تي مسلم ليگ هائوس پيرس رود تي کليل ڪچهري کي خطاب ڪري رهيو هو،هن چيو ته هاڻ ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻو آهي، جڏهن ته ملڪ جي اهڙي پرڏيهي پاليسي تيار ڪرڻي آهي جنهن سان پاڪستان سان لاڳاپا ٻين ملڪن سان مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان هڪ سٺي جاءِ بڻائي سگهندو. هن چيو ته ڀارت سان حالتون معمول تي آڻڻ چاهيون ٿا پر ائين نٿو چاهي، هو مسلسل جنگ بندي معاهدي جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ طاس خطرن تي ٻڌل آهي ان سان ننڍي کنڊ کي گذريل 57 سالن کان خطرو آهي ۽ ان سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ان معاهدي تي ڀارت ۽ ٻيا ملڪ خاص طور تي آمريڪا اثر انداز ٿي رهيو آهي ۽ عالمي بينڪ ان معاهدي ۾ ضامن آهي ۽ ان معاهدي جي معاملي کي بينڪ اڳيان اٿاريو آهي ۽ هاڻ عالمي بينڪ ئي ان کي حل ڪرائيندي، هن چيو ته ڪشن گنگا معاملو ڏيڍ سال اڳ حل ٿي چڪو هو ۽ ڀارت ٽيون ڀيرو ان جي فلنگ ڪري زيادتي ڪئي آهي، ميان نواز شريف جي مثبت پاليسين ۽ پاڪستاني فوج جي ڪوششن ۽ بهتر پاليسي سبب ان تي ضابطو ڪرڻ تي وڏي حد تائين مدد ملي آهي ۽ جلد ئي پاڪستان دهشتگردن جي چنبي مان آزاد ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *