امن سان ئي ترقيءَ جون راهون کلنديون: عمران خان جي ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر امن جي آڇ

اسلام آباد (اين اين آءِ) والاريل ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن انساني تاريخ جي ڪاري باب کي اجاڳر ڪري ٿو. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قبضي جا 73 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 73 سال اڳ ڀارت ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪيو ۽ ڪشميرين کي انهن جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميرين جو ڏُک سان ڀريل داستان وڏي عرصي تائين هلندو رهيو آهي، 5 آگسٽ 2019 تي ڪشميرين لاءِ ظلم جو نئون داستان شروع ٿيو، ڀارت 9 لک فوج جي ڏَڍ تي 80 لک ڪشميرين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، ڀارت ڪشميرين کي حاصل بچيل سچيل حقن تي به ڌاڙو هنيو آهي ۽ ڪشميري قيادت توڙي هزارين نوجوانن کي جيلن ۾ وڌو ويو آهي، والاريل ڪشمير کي هڪ قسم جي جيل بڻايو ويو آهي. سندس چوڻ هو ڪشميرين لاءِ بدقسمت وقت آهي ته اهي نه ڀارتي شهري آهن ۽ نه کين حق مليا آهن، سلامتي ڪائونسل ڪشميرين کي ووٽ سان پنهنجي مستقبل جي فيصلي جو حق ڏنو هو، ڪشميرين کي حق ملڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين. عمران خان چيو ته دنيا جي هر پليٽ فارم تي ڪشميرين لاءِ آواز اٿاريندس، ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم سڄي دنيا ۾ اجاڳر ڪندس، ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي واضح آهي ۽ اتي اجتماعي قبرون به مليون آهن، والاريل ڪشمير ۾ عدالتن کان مٿانهان قتل ٿي رهيا آهن، ميڊيا جو آواز بند ڪيو ويو آهي. وزيراعظم موجب اسان امن چاهيون ٿا، اڄ به ڀارت کي چوان ٿو ته پاڪستان امن چاهي ٿو، اقتدار سنڀاليندي ئي ڀارت کي چيو هو ته توهان هڪ قدم اسان ڏانهن وڌايو ته اسان ٻه قدم وڌائينداسين، اڄ ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه امن آهي، امن ئي ترقي جا دَڳ کوليندو ۽ خوشحالي ايندي. سندس چوڻ هو ته مان وري ڀارت کي چوان ٿو ته اسان امن لاءِ تيار آهيون، امن لاءِ ڀارت کي والاريل ڪشمير جو فوجي گهيرو ختم ڪرڻو پوندو، امن لاءِ ڪشميرين کي انهن جو حق ڏيڻو پوندو، ڪشميرين کي عالمي برادري جي واعدي موجب انهن جو حق ملڻ گهرجي. واضح رهي ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947 تي ڪشميرين جي خواهشن جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي فوج لاهي ان تي ناجائز طور قبضو ڪيو هو، جنهن خلاف اڄ لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *