امن جو ٻيڙو ٻوڙيندڙن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپا مضبوط رابطن جي نئين مرحلن ۾ داخل ٿي رهيا آهن جنهن سان ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند نئون دور شروع ٿيندو تاجرن ۽ سيڙپڪارن جي مفاد ۾ ماسڪو ۽ اسلام آباد وچ ۾ براءِ راست اڏامن جي ضرورت آهي وزيراعظم جي پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن اقتصادي، تجارتي ۽ سائنسي تعاون جي ڪو چيئرمين وڪٽر پي آئيوانوف جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهه ٻولهه هو خميس تي هتي روسي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو ان موقعي تي اسحاق ڊار چيئرمين سيڙپڪاري بورڊ مفتاح اسماعيل ۽ حڪومت جي سينيئر عملدارن سميت روسي وفد جا ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾لاڳاپا مضبوط رابطن جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن وزيراعظم چيو ته پاڪستان پرامن مستحڪم ۽ سيرپڪار دوست ماحول کي يقيني بنائڻ لاءِ دهشتگردي انتهاپسندي بابت ٺوس موقف اختيار ڪيو آهي دهشتگردن جي ٺڪاڻڻ ۽ ڍانچي کي موثر ڪارروائين جي ذريعي تباهه ڪيو ويو آهي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي قيادت ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جي مڪمل تائيد حاصل آهي وڪٽر پي آئيوانوف چيو ته پاڪستان ڀرپور تاريخ رکندڙ هڪ مضبوط ملڪ آهي روس ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل واپار جا وسيع امڪان موجود آهن هن چيو ته خاص ڪري تاجرن ۽ سيڙپڪارن جي مفاد ۾ ماسڪو ۽ اسلام آباد وچ ۾ براءِ راست اڏامن جي ضرورت آهي وزيراعظم محمد نوازشريف روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جي افتتاح لاءِ دعوت ڏني جيڪا پاڪستان ۾ روس جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻطرفو واپار معيشت سائنس ۽ ٽيڪنالوجي تعاون سميت سمورن شعبن ۾ روس سان پنهنجن لاڳاپن جو گهڻو قدر ڪري ٿو هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ افغان قيادت ۽ افغانستان جي پنهنجي حل جي حمايت ڪري ٿو جيڪو سڄي خطي ۽ دنيا لاءِ بهتر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *