
اسلام آباد (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان غيرملڪي جاسوس جي گرفتاري تي ايف سي بلوچستان جي ڪارڪردگي کي واکاڻيو آهي. اربع ڏينهن گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب گهرو وزير چيو ته صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان ايف سي قدر جوڳيون خدمتون ۽ قربانيون ڏنيون آهن. جن کي سڄي قوم قدر سان ڏسي ٿي. آءِ جي ايف سي جي نالي تي پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته حڪومت ايف سي بلوچستان جي ڪارڪردگي کي واکاڻي ٿي.