امن امان جي استحڪام لاءِ سمورين سياسي جمهوري قوتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو:  منظور وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي جيلن، معدنيات ۽ معدني ترقي واري صوبائي وزير منظور وساڻ اڄ سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ امن امان جي حوالي سان تقرير ڪندي چيو ته صوبي ۾ امن امان جي استحڪام ۽ بهتري لاءِ سمورين سياسي جمهوري قوتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇو ته ان ۾ ئي قوم ۽ ملڪ جي بهتري آهي. هن چيو ته صوبي ۾ امن امان جي استحڪام لاءِ اسان جي حڪومت پوليس فورس کي نون ريڪروٽمينٽ سان گڏوگڏ جديد اوزار ۽ تربيت فراهم ۽ پوليس فورس جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو آهي. ان کان علاوه پوليس شهيدن لاءِ امدادي رقم ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيلن ۾ اصلاح ڪئي پئي وڃي. دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جيلن جي آسپاس بم پروف آرسي سي ڀتيون تعمير ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته قيدين کي جيل مينوئل مطابق سهولتون ۽ خوراڪ جي فراهمي کي به يقيني بڻايو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي اپائن سان امن امان ۾ بهتري آئي آهي. صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه مفاهمت ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. اسان جو حال ۽ ماضي گواهه آهي ته هميشه جمهوري قوتن سان مشاورت ۽ مفاهمت کي فروغ ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ جنهن جماعت کي سڀ کان وڌيڪ سياسي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اها پاڪستان پيپلز پارٽي آهي. 1990 جي عام چونڊن ۾ پاڪستان ۾ پي پي پي خلاف ريڪارڊ ڌانڌلي ڪئي وئي ايستائين سنڌ ۾ به اسان کي هارايو ويو. هن چيو ته سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور مان ڌانڌلي ذريعي پيپلز پارٽي جي نمائندن کي هارايو  ويو صرف منهنجي هڪ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ محفوظ رهي، حالانڪه سڀني کي خبر آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي خلاف ڌانڌلي نه ڪئي وڃي ها ته پوري ملڪ ۾ اسان جون سيٽون وڌيڪ هجن ها. هن چيو ته آمريت جي دور ۾ اسان کي بلدياتي سيٽن کان به وڏي پيماني تي ڌانڌلي ذريعي جائز نمائندگي کان محروم ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته پي پي پي غريبن، پورهيتن ۽ هارين جي پارٽي آهي، جاگيردار ۽ وڏيرا ٻين جماعتن ۾ ويٺا آهن ۽ هميشه آمرن ۽ آمريت جي جهولي ۾ ويهندا ۽ پلندا رهيا آهن. هن چيو ته پي پي هميشه ملڪ جي ترقي ۽ تعمير لاءِ اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. هن وقت وطن عزيز جن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي انهن ۾ مفاهمت ۽ مشاورت جي پاليسي ذريعي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *