امريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان لاءِ 9 ارب ڊالر رليز ڪيا وڃن:شاھ محمود قريشي

لنڊن (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪا کان گهر ڪئي ته افغانن جا 9 ارب ڊآلر جاري ڪيا وڃن افغانستان جي معيشت ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي پاڪستان امدادي سرگرمين جو مرڪز بڻجڻ لاءِ تيار آهي افغان عوام جي مدد لاءِ تعاون ڪنداسين افعانستان ۾ انساني الميو جنم وٺن وارو آهي، برطانيا طالبان سان رابطو ڪري، پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪوئي ٺڪاڻو نه آهي اولهه ميڊيا چاهي ته اچي ڏسي سومر تي پاڪستان هائوس لنڊن ۾ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪري رهيو هو پرڏيهي وزير چيو ته مان برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن کي چوندس ته اهي افغانستان جو مسئلو پارليامينٽ ۾ ضرور اجاگر ڪن هن چيو ته افغانستان ۾ جيڪو عدم استحڪام اوهان کي نطر اچي رهيو آهي اهو اڳوڻن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري آهي هن چيو ته افغانستان جي 34 صوبن ۾ طالبان کي مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو تاشقند ۾ اشرف غني پاڪستان تي اجايو الزام هنيا ۽ پاڪستان کي صورتحال خراب ٿيڻ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو نائين اليون کان پوءِ اسان کان گهر ڪئي وئي ۽ اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اتحادي بڻياسين اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ۽ اسان کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته هن افغانستان ۾ عورتن کي برقعي کان سواءِ ڪابل جي رستن تي ڏٺو آهي ۽ ٻارڙين کي اسڪول ويندي ڏٺو آهي منهنجي اطلاعن مطابق اڄ افغانستان اندر امن امان جي صورتحال ٺيڪ آهي، اسان افغان شهرين جي مدد ڪري رهيا آهيون هن چيو ته اڄ جيڪڏهن عالمي برادري هٿ ڪڍي ورتا ته ان جي نتيجي ۾ ايندڙ تباهي جو ذميوار ڪير هوندو افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ گڏيل ذميواري آهي، ڪشمير جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام بدترين ڀارتي ظلم کي منهن ڏئي رهي آهي سيد علي گيلاني جي مڙهه جي بي حرمتي ڪئي وئي انساني حقن جي ڪوڙن چئمپينز ان جي خواهش مطابق تدفين جي اجازت به نه ڏني هن چيو ته پڪن ثبوتن سان اسان 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو جنهن ۾ ڀارتي قابض فوج جي جنگي ڏوهن جا ثبوت آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *