امدادي ۽ بحالي وارن ڪمن جي نگراني پاڻ ڪندس، قدرتي آفت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي: نواز شريف

پشاور (بيورو) وفاقي سرڪار، ڪي پي ڪي ۽ فاٽا ۾ زلزلي سبب حياتيون وڃائيندڙن جَي پونئيرن لاءِ 6-6 لک، معذور ٿيلن لاءِ 2-2 لک ۽ زخمين لاءِ هڪ– هڪ لک رپين جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته امدادي ۽ بحالي وارن ڪمن جِي نگراني هو پاڻ ڪندو، قدرتي آفت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو ته زلزلي سبب قيمتون جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، جنهن تي کيس تمام گهڻو افسوس آهي. هـُن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ 208 ۽ فاٽا ۾ 29 ماڻهو زلزلي جو شڪار ٿي ويا، جن جي پونئيرن کي 6-6 لک رپيا ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڪي پي ڪي ۽ فاٽا ۾ زلزلي سبب معزور ٿيلن کي 2-2 لک ۽ زخمي ٿيل 16 سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي هڪ-هڪ لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو. ميان نواز شريف چيو ته زلزلي سبب فاٽا ۽ ڪي پي ڪي ۾ هزارين گهر پڻ ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جن جي متاثرن کي پڻ 2-2 لک رپيا ڏنا ويندا. هـُن چيو ته صوبائي سرڪار جي سهڪار سان ايندڙ هفتي سومر کان خميس تائين متاثرن ۾ امدادي رقم ورهائي ويندي. وزيراعظم چيو ته زلزلي سٽيلن جي ڏک ۾ صوبائي سرڪار جيان وفاقي حڪومت به برابر جي شريڪ آهي ۽ متاثرن کي هن ڏکي گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. نواز شريف چيو ته امدادي ۽ بحالي وارن ڪمن جي نگراني هو پاڻ ڪندو ۽ سندس خواهش آهي ته قدرتي آفت تي ڪا به سياست نه ٿئي. خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير بابت ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته پرويز خٽڪ امدادي ڪمن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهيو آهي، جنهن تي هو سندس ٿورائتو آهي. ان کان اڳ گورنر هائوس پشاور ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن دوران ميان نواز شريف کي ڪي پي ڪي اندر زلزلي سبب ٿيل نقصان بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته زلزلي سبب ڪي پي ڪي ۾ 222 ماڻهو فوت ۽ 1688 زخمي ٿيا آهن. ميان نواز شريف کي ٻڌايو ويو ته زلزلي سبب ڪي پي ڪي ۾ 8458 گهرن کي نقصان پهتو. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته زلزلي سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته 2 هزار خيما ۽ 2 هزار ڪمبل متاثرن تائين پهچايا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *