امام بارگاهه تي حملو ڪندڙ بچي نه سگهندا، سندن قبر تائين پيڇو ڪنداسين: وڏو وزير

شڪارپور(ڊ.ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شڪارپور جي امام بارگاهه پهچي بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن ۽ شهداءَ ڪميٽي سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وزير اعليٰ چيو ته هتي شڪارپور سانحو سنڌ جي تاريخ جو وڏو افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جو سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن ئي سخت نوٽيس ورتو هو ۽ زخمين کي سي 130 جهاز ذريعي ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو، جن جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي جنهن مان زخمين جا وارث پڻ مطمئن آهن. آءُ پهرين ڏينهن رات جو دير سان امام بارگاهه ۾ آيو هئم. وزير اعليٰ سنڌ چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا جلد جاچ مڪمل ڪري دهشتگردن تائين پهچندي ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته آئين ۾ ترميم ڪري فوجي عدالتون قائم ڪيو ويون آهن جتي مذهبي دهشتگردي جا ڪيس هلندا ۽ اهي عدالتون هڪ هفتي اندر ڪيسن جو فيصلو ڏينديون. هن وڌيڪ چيو ته مقامي ماڻهن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي پڻ ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ 2 علما ءَ اڪرام به شامل آهن ته جيئن شهيدن جا وارث وڌيڪ مطمئن ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪالهه سنڌ ڪابينه جي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي وئي هئي جنهن جي ايجنڊا ۾ امن امان کي سرفهرست رکيو هو جنهن ۾ امن امان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته سانحي بلديه ٽائون جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آهي. ان بعد وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ،ڊپٽي ڪمشنر سيڪريٽريٽ شڪارپور ۾ شهيدن ۽ زخمين جي وارثن ۾ 118 کان وڌيڪ چيڪ ورهايا جن ۾ شهيدن لاءِ 20،20 لک جا چيڪ ۽ زخمين لاءِ 2،2 لک روپين جا چيڪ ورهايا ويا. ان موقعي تي وزير اعليٰ ڳالهائيندي چيو ته تمام وڏي افسوس جي ڳالهه آهي انساني زندگي جي ڪا به نعمل بدل نه آهي نه ئي وري هي ڪو معاوضو آهي، هي سنڌ حڪومت طرفان شهيدن جي وارثن لاءِ دلي همدردي جو اظهار آهي ۽ هي صرف ٽوڪن آهي ٻيو به جيترو ٿي سگهندو اوترو شهيدن جي وارثن لاءِ ڪيو ويندو ۽ انهن کي هن ڏکئي گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت دهشتگردن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ اهو به چيو ته امام بارگاهه جو جيڪو به نقصان ٿيو آهي ان جو ڪاٿو (ايسٽيميٽ) ٺاهي وڃي ته جيئن ان جو ڪم مڪمل ڪرائي سگهجي. ان موقعي تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، صوبائسي وزير ورڪس اينڊ سروسز مير هزار خان بجاراڻي، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سائين رکيو ميراڻي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، پ پ پ اڳواڻ مير عابد ڀيو، ذوالفقار ڪماريو ۽ ٻيا موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *