امام الحق کي فخرالزمان جو رڪارڊ برابر ڪرڻ لاءِ پنجانوي رنسون گهربل

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر بيٽسمين امام الحق ساٿي رانديگر فخرالزمان جو تيز ترين هزار ون ڊي رنسن جو رڪارڊ برابر ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو، قومي ڪرڪيٽر کي رڪارڊ برابر ڪرڻ لاءِ ايندڙ ميچ ۾ 95 رنسون ٺاهڻيون پونديون.تفصيل موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي 23 ورهين جي اوپنر بيٽسمين امام الحق هينئر تائين 17 ميچن ۾ 64.64 جي ايوريج سان 905 رنسون ٺاهي چڪو آهي جنهن ۾ 4 سينچريون ۽ 4 ففٽيون شامل آهن.جيڪڏهن امام الحق ٻئين ون ڊي ۾ 95 رنسون اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته هو پنهنجي ساٿي اوپنر فخرالزمان جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان گهٽ اننگز ۾ 1000 رنسون پوريون ڪرڻ جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *