اليڪشن ۾ ڪا ڌانڌلي ناهي ٿي، ملڪ جي تقدير جا فيصلا روڊ رستن تي نه ٿيندا: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اليڪشن ۾ ڪا ڌانڌلي ناهي ٿي ان تي ڳالهائڻ وقت جو ذيان آهي، ڌرڻا هڻندڙن پاڪستان جو به نه سوچو ملڪ جي تقدير جا فيصلا روڊ رستن تي نه ٿيندا. وفاقي ڪابينا جي خاص اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ وڏي پئماني تي پرڏيهي سيڙپڪار سيڙپڪاري ڪري رهيا هئا پر هــُو ڌرڻن سبب نه آيا. نواز شريف چيو ته هــُو پــُڇي ٿو ته ڌرڻي وارن پاڪستان جي ترقي جو رستو ڇو روڪيو آهي؟ هن چيو ته ڌرڻن سبب ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو ۽ بجلي جي منصوبن تي ڪم شروع نه ٿيڻ جو ڪارڻ به ڌرڻا آهن. هن چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ وڌي وئي آهي، عوام انهن ماڻهن کان پڇي ته ايئن ڇو ڪيوويو. وزيراعظم چيو ته اليڪشن ۾ ڪا به ڌانڌلي نه ٿي ان ڪري ان تي ڳالهائڻ فضول آهي. سندس چوڻ هو ته معيشت جي بهتري سان ئي ڊيم ۽ بندرگاهون ٺهنديون جڏهن ته غربت ۽ بيروزگاري جو به خاتمو ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *