اسلام آباد(اي پي پي) اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ 352 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ لاءِ 30 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ٻيهر پولنگ فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري تفصيل مطابق ان کان اڳ انهن پولنگ اسٽيشنن تي 5 جولاءِ تي ٻيهر پولنگ ٿيڻي هئي پر اسٽي آرڊر سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي هئي. پشاور هاءِ ڪورٽ ٻيهر پولنگ خلاف سموريون درخواستون اهي چئي اڪلائي ڇڏيون آهن ته اهو ڪم ڪنهن عدالت جو نه پر اليڪشن ڪميشن جو آهي.