اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جو اختيار ڏيڻ آئين خلاف آهي: پ پ

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جو هڪ اهم اجلاس نجمي عالم جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وقار مهدي، سينيٽر سعيد غني، سردار خان، عابد ستي، لطيف مغل، قاسم بلوچ،نديم ڀٽو، صديق اڪبر، مرزا مقبول، شهزاد مزاري، ظفر صديقي. سعيد چاولا، اعجاز بلوچ، قاضي بشير شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن پاران مڪاني تبندين تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ تڪبندين کي نهايت جابنداراڻا قرار ڏنو ويو، جنهن ۾ 1974 قانون جي خلاف ورزي ڪئي وئي ته جئين پاڪستان پيپلز پارٽي کي نقصان ڏئي سگهجي ۽ موجود ماڻهن جو اهو خيال هو اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جو اختيار آئين جي خلاف ورزي آهي، اليڪشن ڪميشن سمورن قانون کي پاسي تي رکي پ پ کي نشانو بڻايو آهي، ڪراچي جي هر ڊسٽرڪٽ ۾ ناانصافين جي هڪ ڊگهي لسٽ آڏو آيو آهي، پارٽي لائير فورم جون خاص ڪميٽيون هر ڊسٽرڪٽ ۾ ٺاهيون آهن ته جئين اهي اليڪشن ڪميشن جي قانون ٽوڙڻ بابت ۽ ٽربيونل آڏو شڪايتون پيش ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *