اليڪشن ڪميشن پاران اسيمبلي ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري، 4 ميمبر معطل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اثاثا جمع نه ڪرائيندڙ 5 ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪيا ويا. وزيراعظم نواز شريف اليڪشن ڪيمشن وٽ جمع ڪيل اثاثن ۾ هڪ ارب، مري ۾ سندس ڌيءَ ڪلثوم نواز جي نالي تي مري ۾ 10 ڪروڙ رپين جو گهر ۽ پنهنجي اڪائونٽ ۾ 16 ڪروڙ رپيا ظاهر ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اليڪشن ڪميشن وٽ 3 ڪروڙ 33 لک ۽ 63 هزار جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، جنهن ۾ بني گالا ۾  3سئو ڪئنال جو گهر جا به تفصيل ڏنا ويا آهن، جڏهن ته تفصيلن ۾ پرڏيهه ۾ ڪابه ملڪيت ظاهر نه آهي ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن موجب، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه هڪ ڪروڙ 93 لک رپين جي ملڪيت جا اثاثا ظاهر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هن اثاثن ۾گاڏي نه هجڻ جا تفصيل جعم ڪرايا آهن. اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪيل تفصيلن موجب، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وٽ هڪ مرسڊيز، هڪ پيجارو گاڏي، 6سئو ڪئنال تي گهر ۽ 53 لک بينڪ ۾ آهن. واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ٻن ميمبرن شهريار آفريدي ۽ ساجد نواز اڃا تائين اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي ٻن ۽ سنڌ اسيمبلي جي هڪ ميمبر سميت 5 ميمبرن اڃا تائين پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *