اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن دوران ڪل ووٽن جو 5 سيڪڙو اضافي بيلٽ پيپر ڇاپڻ قانوني پابندي آهي: ڪنور دلشاد

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن دوران ڪل ووٽن جو 5 سيڪڙو اضافي بيلٽ پيپر ڇاپڻ قانوني پابندي آهي، 1997ع ۾ 5 ڪروڙ 67 لک ڪل ووٽر هئا جڏهن ته 83 لک اضافي بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو آهي ته اضافي بيلٽ پيپر ڇاپڻ درست ۽ آئيني ضرورت آهي جن کي هنگامي صورتحال لاءِ ريٽرننگ آفيسرن وٽ رکيو ويندو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن مطابق 2013ع جي عام چونڊن ۾ ڪل 17 ڪروڙ 24 لک بيلٽپيپر ڇاپيا ويا هئا جن مان 8 ڪروڙ 62 لک قومي اسيمبلي ۽ ايترا ئي صوبائي اسيمبلي جا بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا هئا جڏهن ته 93 لک اضافي بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا هئا جيڪي اليڪشن ڪميشن جي قانون مطابق ضروري آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي هڪ ووٽ به داخل آهي ته اتي موجود پرزائيڊنگ آفيسر کي بيلٽ پيپر جي 100 جي ڪاپي فراهم ڪئي ويندي آهي. اليڪشن ڪميشن مطابق اهي اضافي بيلٽ پيپر ريٽرننگ آفيسرن کي فراهم ڪيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن به پولنگ اسٽيشن تي ڪنهن حملي، پرنٽنگ جي خرابي، چر پر دوران ٿيلهو کسجي وڃڻ يا بيلٽ پيپرن تي باهه لڳائڻ جو معاملو درپيش ٿئي ته فوري طور تي اليڪشن ڪمشنر جي منظوري سان آر اوز اهي بيلٽ پيپر پرزائيڊنگ آفيسرن کي فراهم ڪندا آهن. 2008ع جي عام چونڊن ۾ 90 لک، 2002ع جي چونڊن ۾ 94 لک، 1997ع ۾ 83 لک اضافي بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان مطابق اضافي بيلٽ پيپرن جي ڇپائي معمول جوڪم آهي ۽ اها ٽيڪنيڪل ۽ قانوني ضرورت هوندي آهي. ان جو مقصد ڪنهن کي فائدو پهچائڻ ناهي هوندو پر هڪ هڪ بيلٽ پيپر جو حساب موجود هوندو آهي. فارم 15 تي پي او طرفان هڪ هڪ بيلٽ پيپر جو حساب ڪتاب باقاعده طور تي لکيو ويندو آهي ۽ بعد ۾ سمورو رڪارڊ آر اوز وٽ ويندو آهي جو ان وٽ محفوظ ٿي ويندو آهي ۽ اليڪشن ٽربيونل پنجن سالن تائين ان کي طلب ڪري سگهي ٿو ۽ هو اها طلبي ريٽرننگ آفيسر کان ئي ڪندو. انهن بيلٽ پيپرن کي اهڙن لفافن ۾ وڌو ويندو آهي جو انهن کي هڪ ڀيرو کوليو وڃي ته ٻيهر انهن کي بند نه ٿو ڪري سگهجي ۽ انهن تي باقاعده پولنگ ايجنٽن کان صحيحون به ورتيون وينديون آهن. ڪنور دلشاد چيو ته هو حڪومت طرفان قائم ڪيل ڪميشن ۾ پيش ٿي اتي سڀئي ثبوت پيش ڪندو. هن چيو ته اهو چوڻ صحيح ناهي ته ريٽرننگ آفيسرن مسلم ليگ(ن) جي مدد ڪئي آهي، بد انتظامي چئني صوبن ۾ ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *