اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻيهر مڪاني چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ دفعو ٻيهر مڪاني چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي، اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري شير افگن چيو آهي ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊون نومبر 2015 ۽ سنڌ ۾ مارچ 2016 ۾ ڪرايون وينديون، ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون مئي جي آخر ۾ ڪرايون وينديون. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اليڪشن  ڪمشنرز، نادرا عملدارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مڪاني چونڊن، تڪ بندين ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن لاءِ نيون تاريخون طئي ڪيون ويون. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري شير افگن چيو آهي ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊون نومبر 2105 ۽ سنڌ ۾ مارچ 2016 ۾ ڪرايون وينديون، ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون مئي جي آخر ۾ ڪرايون وينديون. اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ صوبن جي ڏنل تاريخن تي عمل ڪيو ويندو……

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *