اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي جي شيڊول ۾ تبديلي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي جي شيڊول ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي، آخري مرحلي لاءِ پولنگ هاڻي 3 ڊسمبر بدران 5 ڊسمبر تي ٿيندي. ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن  پاران، شيعا تنظيم جي اڳواڻن جي درخواست ۽ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي سبب سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي جي شيڊول جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي لاءِ هاڻي پولنگ 3 ڊسمبر بدران هاڻي 5 ڊسمبر تي ٿيندي ۽ تاريخ رڳو 2 ڏينهن اڳتي وڌائي وئي آهي. ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن به تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو اڄ ئي جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ ۾ ٽئين ۽ آخري مرحلي لاءِ ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون. ان کان اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات دوران شيعا تنظيم جي اڳواڻن به مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي جي تاريخ تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *