اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخوا ۾ مڪاني چونڊن لاءِ جوڙيل پولنگ اسڪيم جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخوا ۾ مڪاني چونڊن لاءِ جوڙيل پولنگ اسڪيم جاري ڪري ڇڏي، ڪُل 1 1  هزار 4 5 1  پولنگ اسٽيشنز مان 9 5 0 4  حساس، 9 5 8 2  پولنگ اسٽيشن نهايت حساس قرار ڏنيون ويون، نهايت حساس پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويندا، ڪجهه تي فوج، سول آرمڊ فورسز مقرر ڪري سگهجي ٿي. جاري ڪيل تفصيل موجب خيبر پختونخوا  صوبي جي 4 2  ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 4 5 1 1 1  پولنگ اسٽيشنز نوٽيفاءِ ڪيون ويون آهن، پشاور ڊويزن جي 3  ضلعن پشاور، چارسده ۽ نوشهره ۾ 6 4 1 2  پولنگ اسٽيشنز هونديون جن ۾ 1 6 8  حساس، 5 4 9  نهايت حساس جڏهن ته 0 4 3  کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي، ڪوهاٽ ضلعي جي 3  ضلعن ڪوهاٽ، ڪرڪ ۽ هنگو ۾ 2 5 9  پولنگ اسٽيشنز مان 2 7 2  حساس ۽ 1 3 1  نهايت حساس قرار ڏنيون ويون، بنون ڊويزن جي 2  ضلعن بنون ۽ لڪي مروت جي 4 4 8  پولنگ اسٽيشنز مان 6 7 3  حساس ۽ 9 0 2  نهايت حساس قرار ڏنيون ويون آهن، هزارا ڊويزن جي 8  ضلعن هري پور، ايبٽ آباد، مانسهره، بٽگرام ۽ تور گهر جي 6 8 1 2  پولنگ اسٽيشنز مان 4 9 8  حساس ۽ 0 5 3  نهايت حساس قرار ڏنيون ويون آهن. مالاڪنڊ ڊويزن جي 7  ضلعن ۾ قائم 0 9 4 2  پولنگ اسٽيشنز مان 8 9 6  حساس ۽ 4 0 4  نهايت حساس قرار، جڏهن ته مردان ڊويزن جي 2  ضلعن مردان ۽ صوابي جي 9 0 7 1  پولنگ اسٽيشنز مان 6 9 6  حساس ۽ 6 5 4  نهايت حساس قرار ڏنيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *