اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 30 مئي تي ٿيندي  ۽ 10 جون تي نتيجا پڌرا ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي،   جنهن تحت نامزدگي فارم 13کان17 اپريل وصول ڪيا ويندا  ۽ 20کان 25 اپريل تائين نامزدگي فارمز جي جاچ پڙتال مڪمل ٿيندي. شيڊول موجب، 26کان 28 اپريل تائين نامزدگي فارمن خلاف اپيلون داخل ڪرائي سگهبيون، جڏهن ته 29اپريل کان 4مئي تائين اپيلون اڪلايون وينديون. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 5 مئي تائين اميدوار نامزدگي فارم واپس وٺي سگهندا، جڏهن ته حتمي فهرست 6 مئي تي جاري ڪئي ويندي. خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 30 مئي تي ٿيندي ۽ نتيجا 10 جون تي جاري ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *