اليڪشن ڪميشن جي چتاءُ کان پوءِ سنڌ حڪومت جو مخصوص سيٽن بابت نوٽيفڪيشن جاري، اليڪشن ڪميشن کي موصول

ڪراچي (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي چتاءَءُ کانپوءِ سنڌ حڪومت مخصوص سيٽن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اليڪشن ڪميشن کي ملي ويو آهي سنڌ جي بلديات کاتي جو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق سڄي سنڌ ۾ عورتن اقليت نوجوان ۽ مزدور هاري جي مخصوص سيٽن تي 9215 ماڻهو منتخب ٿيندا مخصوص سيٽن جي چونڊ ميٽروپوليٽن ۽ ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ٿيندي يونين ڪميٽي يا يونين ڪائونسل ۾ ٻه عورتون ۽ هڪ هڪ اقليت مزدور نوجوان ڪائونسلر هوندا ميٽرو پوليٽن ۽ ميونسپل ڪارپوريشن ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ عورتن جو انگ 33 سيڪڙو هوندو ميٽروپوليٽن ۽ ميونسپل ڪارپوريشن، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اقليت مزدور هاري، نوجوان جو انگ 5 سيڪڙو هوندو مخصوص سيٽن تي چونڊن جو شيڊول جمعي تي جاري ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *