اليڪشن ڪميشن تازو ترقي ماڻيندڙ 23ايڊيشنل ۽ ڊپٽي سيڪريٽريز جي مقرري جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن سنڌ سرڪار جي درخواست تي تازو ترقي ماڻيندڙ 23ايڊيشنل ۽ ڊپٽي سيڪريٽريز جي مقرري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ سرڪار اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏني هئي ته تازو 17، 18 ۽ 19 هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ ايڊيشنل ۽ ڊپٽي سيڪريٽريز جي مقرري جي اجازت ڏني وڃي. اليڪشن ڪميشن سنڌ سرڪار جي درخواست تي 23 آفيسرن جي مقرري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جن جي مقرري هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *