اليڪشن ڪميشن اين اي 246 تي ننڍي چونڊ کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اين اي 246 تي ننڍي چونڊ کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران قائم ڪيل ڪنٽرول روم ۾ ايڊيشنل ڊي جي اليڪشن ڪميشن مسعود ملڪ جي سربراهي ۾ ٻه ٽيمون جوڙيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن پڌرو ڪيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران ووٽرز ڌانڌلي يا بدنظمي جي صورت ۾ ٽيليفون تي شڪايت ڪري سگهن ٿا، جنهن لاءِ ٻه نمبر جاري ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 246

واري ننڍي چونڊ کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ڪنٽرول روم حتمي نتيجن جي اعلان تائين ڪم ڪندو رهندو. ڪنٽرول روم ۾ وصول ٿيندڙ شڪايتن تي فوري طور واسطيدار ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي هدايتون جاري ڪيون وينديون. ووٽرز کي اليڪشن ڪميشن صلاحيو آهي ته شڪايت جي صورت ۾ زيرو فائيو ون، نائين ٽو، زيرو سڪس، سيون ٿري نائين ۽ 0519204540 تي اطلاع ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *