اليڪشن ڪميشن اين اي 122 تي ننڍي چونڊ کان اڳ ووٽ منتقل ڪرڻ بابت تحريڪ انصاف جا الزام رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، اين اي 122 تي ننڍي چونڊ کان اڳ ووٽ منتقل ڪرڻ بابت تحريڪ انصاف جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اليڪشن ٽربيونل پاران اياز صادق کي 26 آگسٽ تي ڊي سيٽ ڪيو ويو، جنهن بعد ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ٿيو. ترجمان موجب، 31 آگسٽ تي شيڊول جاري ڪرڻ سان گڏ ووٽرز فهرست به منجمند ڪيون ويون هيون. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ عام چونڊن کانپوءِ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ 45 لک آهي، اين اي 122 تي ووٽ منتقل ڪرڻ بابت الزامن ۾ ڪابه صداقت نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *