اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي، تڪ بندين جو نوٽيفڪيشن 5 1  جون تي جاري ٿيندو، اسلام آباد ۾ غير پارٽي بنيادن تي چونڊون ڪرايون وينديون، مڪاني چونڊن لاءِ 9 7  يونين ڪائونسلز بنايون ويون آهن، هر يونين ڪائونسل 3 1  ميمبرن تي ٻڌل هوندي، هر يونين ڪائونسل ۾ چيئرمين ۽ هڪ وائيس چيئرمين جي چونڊ ڪئي ويندي. جمعي ڏينهن اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب اسلام آباد ۾ تڪ بندين جو نوٽيفڪيشن 5 1  جون تي جاري ٿيندو، اسلام آباد ۾ غير پارٽي بنيادن تي چونڊون ڪرايون وينديون، اسلام آباد ۾ هڪ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۽ مڪاني چونڊن لاءِ 9 7  يونين ڪائونسلز بنايون ويون آهن، اسلام آباد ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 6  لک 0 2  هزار 5 6 1  آهي، مرد ووٽرز جو انگ 3  لک 4 3  هزار 7 7 5  آهي، جڏهن ته عورت ووٽرز جو انگ 2  لک 5 8  هزار 8 8 5  آهي. اليڪشن ڪميشن مطابق هر يونين ڪائونسل 3 1  ميمبرن تي ٻڌل هوندي، هر يونين ڪائونسل ۾ چيئرمين ۽ هڪ وائيس چيئرمين چونڊيو ويندو، هر يونين ڪائونسل ۾ ڪائونسلرز جون 6  جنرل سيٽون مخصوص هونديون، عورتن جون 2 ، نوجوان، مزدور ۽ اقليتن لاءِ هڪ هڪ سيٽ هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *