اليڪشن ڪميشن اثاثا جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

ecpاسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن ملڪيتن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي، پ پ ايم اين فريال ٽالپر، مخدوم امين فهيم، رضا رباني، فاروق ستار ۽ وفاقي وزير خرم دستگير سميت ڪيترن ئي ميمبرن ملڪيتن جا تفصيل اڃا تائين جمع ناهن ڪرايا. اليڪشن ڪميشن طرفان پارليامينٽ ميمبرن کي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ 30 سيپٽمبر تائين ڊيڊ لائين ڏني وئي هئي. اليڪشن ڪميشن طرفان تاريخ گذرڻ باوجود اثاثا جمع نه ڪرائيندڙ 5 سئو 23 ميمبرن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي تفصيلن موجب پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر، مخدوم امين فهيم،رضا رباني ۽ ٻين پنهنجي ملڪيت ظاهر ناهي ڪئي. وفاقي وزير صدر الدين شاهه، شاهد خاقان عباسي، خرم دستگير ۽ عبدالقادر بلوچ کان به اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ واري ڳالهه وسري وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي لسٽ موجب متحده جي ايم اين اي ڊاڪٽر فاروق ستار، نبيل گبول، پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت محمود، اسد عمر، رفيق رجوانا، دانيال عزيز، طلال چوڌري، طارق فضل چوڌري ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ به پنهنجي ملڪيتن جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته آخري تاريخ گذرڻ باوجود اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي نمائندگي معطل ڪئي ويندي. ان کان اڳ وفاقي وزير خواجه آصف، اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي ۽ شيرين مزاري اڄ تفصيل جمع ڪرايا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته سينيٽ جي 19 ۽ قومي اسيمبلي جي 96 ميمبرن پنهنجي ملڪيتن جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ٻڌايو ته پنجاب جي 320 ۽ سنڌ جي 78 ، ڪي پي ڪي جي 63 ۽ بلوچستان جي 37 ميمبرن ملڪيتن جا تفصيل نه ڏنا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *