اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۾ ننڍي چونڊ دوران پولنگ واري ڏهاڙي پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جوان مقرر فيصلو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۾ ننڍي چونڊ دوران پولنگ واري ڏهاڙي پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جوان پولنگ اسٽيشنز جي اندر ۽ ٻاهر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته جوانن کي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار حاصل هوندا. پنجاب جي قومي تڪن اين ا

ي هڪ سئو 22، اين اي هڪ سئو 44 اوڪاڙه  ۽ صوبائي تڪ پي پي 147 تي ننڍي چونڊ 11 آڪٽوبر تي ٿيندي، جڏهن ته پنجاب جي گهرو وزير شجاع خانزاده جي شهادت بعد خالي پيل سيٽ پي پي 16 اٽڪ تي تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 6 آڪٽوبر تي ٿي رهي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، ريٽرننگ آفيسرن جي درخواست تي ننڍي چونڊ دوران پولنگ اسٽيشنز تي اندر ۽ ٻاهر پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جوان مقرر هوندا. اليڪشن ڪميشن موجب، پولنگ اسٽيشنز جي اندر ۽ ٻاهر رينجرز ۽ پاڪ فوج جا جوانن مقرر ڪرڻ جو فيصلو امن امان جي صورتحال سبب ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪ آرمي ۽ رينجرز جا جوان هڪ ڏينهن اڳ چونڊن واري تڪن تي پهچي ويندا، انهن کي چونڊ ڏهاڙي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار هوندا ۽ اهي ضابط اخلاق جي ڀڃڪڙي تي موقعي تي ئي ڪارروائي ڪري سگهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *