اليڪشن ڪمشنر صاحب!، آئين ۽ قانون بالادست آهي يا اوهان جِي ذات؟:اعظم سواتي

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي وزير، اعظم سواتي چيو آھي تھ اليڪشن ڪمشنر صاحب!، آئين ۽ قانون بالادست آهي يا اوهان جِي ذات؟، سڪندر سلطان اوهان وڏي ميان جي هٿ جي واچ ۽ ننڍي ميان جي لٺ آهيو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت کوڙ ساريون ڳالهيون راز آهن. وفاقي وزير، اعظم سواتي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ ته مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان به اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ڪئي، اُنهن کي ڪيترا نوٽيس موڪليا ويا جو مونکي نوٽيس ڏنو اٿئو، رُڪ جي ڀت بڻجي مقابلو ڪنداسين، روڪي سگهو ٿا ته روڪيو،  پارلياماني مامرن جَي صلاحڪار بابر اعواڻ طرفان چونڊ سڌارن اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته اِهو چوڻ درست ناهي ته حڪومت اي وي ايم کي شفاف چونڊن بدران ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *