اليڪشن کٽڻ باوجود عدالت جا چڪر ڪاٽيندا رهنداسين، پـِي ٽـِي آءِ جتي به هارائيندي آهي کيس اتي ڌانڌلي نظر ايندي آهي: سعد رفيق

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن کٽڻ باوجود عدالت جا چڪر ڪاٽيندا رهنداسين، پـِي ٽـِي آءِ جتي به هارائيندي آهي، عمران خان کي اتي ڌانڌلي نظر ايندي آهي. ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عدالتي فيصلن جو احترام آهي پر اندازو نه هو ته اليڪشن کٽڻ باوجود عدالت جا چڪر ڪاٽيندا رهنداسين، پـِي ٽـِي آءِ جتي به هارائيندي آهي، عمران خان کي اتي ڌانڌلي نظر ايندي آهي.  سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته پـِي ٽـِي آءِ جي حامد خان هن ڪيس ۾ ڪيترائي ڀيرا التويٰ ورتي، جنهن سبب عدالتي فيصلي ۾ دير ٿي. هن چيو ته عدالت جي فيصلن جو احترام آهي، هـُو ووٽن جي تصديق سان گڏ ٻيهر ڳڻپ لاءِ به تيار آهن پر کين اها ڄاڻ نه هئي ته ڪاميابي باوجود عدالت جا چڪر ڪٽينداسين رهنداسين. خواجه سعد رفيق چيو ته تحريڪ انصاف جتي ڪامياب ٿيندي آهي، اتي عمران خان کي ڪا به ڌانڌلي نظر ناهي ايندي پر  جتي کين شڪست ملندي آهي، اتي  ڌانڌلي جو شور ڪيو ويندو آهي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *