اليڪشن ٽربيونل جي عبوري حڪمن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج نه ٿو ڪري سگهجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيو آهي ته اليڪشن ٽربيونل جي عبوري حڪمن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج نه ٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس جسٽس ناصر المُلڪ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ شيخ رشيد، رضا حراج ۽ ٻين جي درخواست کي ٻڌندي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ٽربيونل جي عبوري حڪم کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج نه ٿو ڪري سگهجي، متاثر ڌر کي شڪايت جي صورت ۾ وري به ٽربيونل سان ئي رابطو ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي درخواست گذارن جي وڪيل جو موقف هو ته ٽربيونل جي فيصلن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *