اليانا ڊي ڪروز جو مداحن تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ايندڙ فلم ”بادشاهو“ جي مک اداڪارا اليانا ڊي ڪروز کي جنسي طور هراسان ڪيو ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي من موهڻي اداڪارا اليانا ڊي ڪروز چيو آهي ته مان ڪنهن به مرد کي اهو حق نٿي ڏئي سگهان ته اهو مون سان غير اخلاقي حرڪت ڪري، جيتوڻيڪ مان هڪ اداڪارا آهيان پر هڪ عورت به آهيان ۽ ڪنهن کي حق ناهي ته مون سان بدتميزي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هن پنهنجي مداحن تي کيس جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڀارت ۾ ڪنهن اداڪارا سان غير اخلاقي حرڪت ڪئي وئي هجي، ان کان اڳ وديا بالن ۽ سوارا ڀاسڪر به اهڙا انڪشاف ڪري چڪيون آهن ته کين مداحن طرفان جنسي طور هراسان ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته اليانا ڊي ڪروز اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ”بادشاهو“ جي مشهوريءَ ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ اجي ديوگن، عمران هاشمي ۽ ايشا گپتا به اهم ڪردار نڀائيندي نظر ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *