الله ڪري پاڪستان ڪراچي ٽيسٽ ۾ شڪست کان بچي: رميز راجا

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته گڏيل ٽيسٽ سيريز جو تصور پراڻو ٿي ويو آهي، ڀارت سان ٽي ملڪي سيريز چاهيون ٿا.ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم جي ڪاميٽي روم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رميز راجا چيو ته آءِ سي سي ذريعي ڀارت تي وڌيڪ دٻاءُ نٿا وجهي سگهون ۽ اسان جي آمدني رڳو ڀارت سان کيڏڻ سان واڳيل ناهي اسان کي پنهنجن پيرن تي پاڻ بيهڻو آهي.هن چيو ته راولپنڊي وڪيٽ پنهنجي ايڊوانٽيج لاءِ ٺاهي هئي پر الله ڪري پاڪستان ڪراچي ٽيسٽ ۾ شڪست کان بچي وڃي.رميز راجا چيو ته پي ايس ايل پاڪستان جو برينڊ بڻجي چڪو آهي، ليگ کي آءِ پي ايل جي ڀيٽ ۾ بيهارڻ چاهيون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *