الله جي ڳالهه ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيندي، مسلمان پاڻ کي سياسي طور مضبوط ڪن: حج جو خطبو

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) مسجده نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندي ڪعبي شريف جي امام الشيخ محمد بن حسن آل الشيخ فرمايو ته سٺو اخلاق ۽ بهترين سلوڪ اڄ دنيا جو ضرورتون آهن، مسلمان امت نفرتن کي مٽائي پاڻ کي سياسي طور تي مضبوط ڪري. 20 لک کان ڌويڪ مسلمان اهم ترين اسلام جي رڪن حج جي مناسڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو جڏهن ته روح پرور حج جو خطبو ٻڌڻ جي لاءِ فرزندان توحيد عرفات جي ميدان ۾ گڏ ٿيا. ڪعبي جي امام حج جو خطبو ڏيندي چيو ته الله جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي حديث بيان ڪئي جنهن جو مفهوم آهي ته مسلمان جيڪڏهن استطاعت رکندو هجي اُهو پنهنجي ۾ هڪ ڀيرو حج ضرور ڪري. ڪعبي جي امام خطبو ڏيندي چيو ته اسلام ۾ توحيد جي شاهدي ۽ ختم نبوت جي شاهدي آهي، نماز آهي، زڪوات آهي جنهن کي غريبن، يتيمن ۽ فلاحي ڪمن جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. وڌيڪ چيو ته بي شڪ الله تعاليٰ هر شئي تي قادر آهي، الله ڏاڍو رحم وارو ۽ مغفرت ڪرڻ وارو آهي، اهو ئي خدا آهي جنهن آسمان تان پاڻي وسايو. ڪعبي جي امام حج جي خطبي ۾ چيو ته الله جي ڳالهه ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيندي. هن چيو ته الله انسانن ۽ جنن کي پنهنجي عبادت جي لاءِ پيدا ڪيو آهي، الله جي توحيد ۽ وحدانيت کي مصبوطي سان پڪڙڻ گهرجي. ڪعبي جي امام چيو ته قرآن پاڪ ۾ الله جي رحمتن بابت هر هر ارشاد آهي، نجات جو رستو رڳو الله جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙڻ ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته الله جيترا به آسماني ڪتاب نازل ڪيا انهن ۾ ضابطه حيات ٻڌايو، الله قرآن ۾ فرمايو ته اڄوڪي ڏينهن اسان دين کي مڪمل ڪيو. ڪعبي جي امام چيو ته قرآن انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جن ايمان آندو، انهن جي لاءِ  نيڪي جو سرچشمو ثابت ٿيندو. هن حاجين کي مخاطب ڪندي چيو ته اي حاجيو جيترو ممڪن ٿي سگهي الله کي ياد ڪيو، دعائون ڪيو، الله دعائون قبول ڪرڻ وارو آهي. ڪعبي جي امام چيو ته جيڪي ماڻهو حق جي شاهدي ڏيندا الله انهن کي جنت ۾ داخل ڪندو. وڌيڪ چيو ته اسان جي لاءِ الله ئي ڪافي آهي جيڪو نهايت وڏو مهربان، ڏاڍو رحيم ۽ معاف ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيڻ گهرجي، الله جي رحمت جو دروازو هميشه کليل رهندو آهي. ڪعبي جي امام چيو ته نبي ڪريم صه جي زندگي دنيا جي هر شعبي جي لاءِ مشعل راهه آهي، الله جي رسول صه فرماريو ته سمورا مسلمان هڪ ئي جهڙا آهن. پنهنجي خطاب ۾ چيو ته الله سمورن مسلمانن کي پاڻ ۾ ڀاءُ بڻايو آهي، سٺو اخلاق، بهترين سلوڪ اڄ دنيا جون ضرورتون آهن. ڪعبي جي امام چيو ته نبي ڪريم صه جن فرمايو ته توهان زمين وارن تي رحم ڪيو الله توهان تي رحم فرمائيندا. هن حاجين کي خطاب ڪندي چيو ته پنهنجي والدين سان ڀلائي جو رستو اختيار ڪيو، والدين کان پوءِ مائٽن مٽن سان سٺو رويو اختيار ڪيو. وڌيڪ چيو ته اي مسلمانون! پنهنجي نفس کي پاڪ رکو، بي شڪ الله سموريون دعائون ٻڌڻ وارو ۽ دلين جا حال ڄاڻڻ وارو آهي.ڪعبي جي امام چيو ته نبي ڪريم صه ارشاد فرمايو ته جيڪي مسلمان نيڪ عمل ڪندا اُهي جنت ۾ ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي سبب آهن جن جي ذريعي الله جي رحمت کي پاڻ ڏانهن راغب ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته مسلمان امت نفرتن کي ختم ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي پاڻ کي سياسي طور تي مضبوط ڪري، اڄ مسلمانن کي پنهنجي سياسي معاشي حالتون دين جي موجب اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. امام  الشيخ  محمد بن حسن آل الشيخ حج جي خطبي ۾ واپاري برادري کي مخاطب ڪندي چيو ته واپار طبقي جي لاءِ هدايت آهي ته هو وڪرو ۽ خريداري ڪري ته ايمانداري سان ڪم وٺي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *