الله تعاليٰ مختلف عقيدن جي ماڻهن کي هڪٻئي جو وسيلو بڻايو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وزير  پرويز رشيد چيو آهي ته مختلف عقيدن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي رب جي ذات هڪٻئي جو وسيلو بڻايو آهي.تفصيل مطابق بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس سان خطاب ڪندي پرويز رشيد چيو ته ڪجهه ماڻهن پاڪستان جي ساک خراب ڪرن جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان جي ڪجهه ڪمن جي ڪري پاڪستان جو تاثر خارب ٿيو ،هاڻي دنيا کي اهو ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي ته پاڪستان نيڪ ۽ روشن آهي. هن چيو ته اسلام امن جو سبق ڏئي ٿو ۽ الله پاڪ به  مخلتف عقيدن سان لاڳاپيل ماڻهن کي هڪٻئي جو وسيلو بڻايو آهي. مذهب جي بنياد تي نفرت ڪرڻ ۽ تشدد ڦهلائڻ جي بلڪل اجازت ناهي ۽ اهو انسانيت جي به خلاف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *