الله اهڙو وزيراعظم ڏنو جنهن جو ويزن پئسا ٺاهي ٻاهر موڪلڻ ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته الله جي مهرباني آهي جنهن اهڙو وزيراعطم ڏنو جنهن جو ويزن پئسا ٺاهي ٻاهر موڪلڻ نه آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن نسلن کي سنوارڻ جو آهي، خيبرپختونخواه ۾ جڏهن حڪومت آئي اتي عمران خان هڪ بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو دنيا جي سمورن آزاد ماحولياتي اين جي اوز بلين ٽري منصوبي کي ساراهيو هن چيو ته گڏيل قومن تائين ادارن بلين ٽري کي ساراهيو 10 بلين ٽري منصوبي ۾ به اسان کي وڏي ڪاميابي ملي آهي اڄ سڄي دنيا پاڪستان کي ماحول دوستي جي ڪري قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *