الطاف حسين ڳجهن ادارن خلاف سخت لفظ استعمال ڪرڻ تي معذرت ڪري ڇڏي

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين تقريرن ۾ ڳجهن ادارن خلاف سخت لفظ استعمال ڪرڻ تي معذرت ڪندي چيو آهي ته سندس مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو. لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ الطاف حسين چيو  آهي ته  هن هميشه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو احترام ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندس. الطاف حسين سخت جملن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان معذرت ڪندي چيو آهي ته سندس سخت جملن سان ڪجهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن جي دل آزاري ٿي آهي پر سندس مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *