الطاف حسين کي فرعون چوندڙ هاڻي ان جي گهر پلجڻ جا خواهشمند آهن: حافظ حسين احمد

تله گنگ (م.د) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي سيڪريٽري انفارميشن حافظ حسين احمد چيو آحي ته الطاف حسين سان جيڪو ڪجهه لنڊن ۾ ٿيو ڳڻتي جي ڳالهه نه آهي جيڪو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي ان تي ڳڻتي آهي الطاف حسين کي فرعون چوندڙ هاڻي ان جي گهر پلجڻ جا خواهشمند آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن تله گنگ ۾ جي يو آءِ (ف) پنجاب جي ڊپٽي سيڪريٽري انفارميشن چوڌري عبدالجبار سان گڏ هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته عمران خان ڪراچي ۾ جلسا ڪري ٿو ته کيس الطاف هسين جو آشيرواد ۽ آشيرباد ٻئي حاصل هوندا هئا جيڪي هاڻي کيس حاصل نه آهن پهريان ٻه ۽ ٻه چار ٿيندا هئا هاڻي 246 ۾ 2 ۽ 4 کي جمع ڪيو وڃي ته 6 ٿي رهيو آهي عشرت العباد جيڪو گورنري جو آب حيات پي ڇڏيو آهي هاڻي هو جعلي ثابت ٿيڻ وارو آهي حافظ حسين احمد وڌيڪ چيو ته يعودي رياست جي قيام جو شوشو هڪ اهڙي وقت ڇڏيو ويو آهي جڏهن مسلم ملڪن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي يهودي آمريڪي سازش عروج تي آهي هن چيو ته امت مسلمه کي توقع هئي ته مسلم ملڪ فلسطيني رياست جي قيام ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ گڏ ٿي ويندا افغانستان جي تقسيم ۾ ناڪامي کان پوءِ آمريڪا ۽ ان جا اتحادي هاڻي سينٽرل اوڀر کي پنهنجو نشانو بڻائي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *