الطاف حسين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ايندڙ جلسو ڪراچي ۾ ڪرڻ وڃي رهيو آهيان: عمران خان

ميرپور (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فرعون وانگر الطاف حسين جو وقت به ويجهو اچي ويو آهي ۽ هو الطاف حسين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ايندڙ جلسو ڪراچي ۾ ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ميرپور آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خنا چيو ته ان کي جلسي ۾ عوام کي ڏسي الطاف حسين جو جلسو ياد اچي ويو جنهن ۾ ماڻهن کي زبردستي آندو ويندو آهي الطاف حسين لنڊن مان ٽيليفون تي تقرير ڪندو آهي ۽ ان جي جلسي ۾ زنده لاش ويٺل هوندا آهن جيڪي ڊڄندا آهن ته جيڪڏهن نه کليا ته ڪو انهن کي گولي هڻي ڪڍندو فرعون وانگر الطاف حسين جو وقت ويجهو اچي ويو آهي ۽ هو الطاف حسين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ايندڙ جلسو ڪراچي ۾ ڪرڻ وڃي رهيو آهي، تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو چوڻ هو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري مٿاڇرو وڙهندا آهن ۽ اندر کان ڀائر آهن پر هاڻ هوهنن ڏينهن ۾ پارٽنرشپ ٽوڙي چڪا آهن، جلد ئي گو  نواز گو ٿيڻ وارو آهي ڇو ته جوڊيشل ڪميشن ٺهڻ واري آهي جنهن ۾ اسان ثابت ڪري ڇڏينداسين ته انهن جو مينڊيٽ جعلي آهي عوام تيار ڪري وٺي 2015 چونڊن جو سال آهي، هن چيو ته ننڍڙو طقبو امير ٿيندو پيو وڃي وڏا وڏا سياستدان پنهنجي دولت ٻاهر کڻي وڃي رهيا آهن هن وقت ملڪ کان ٻاهر سڀ کان وڌيڪ دولت نواز شريف ۽ آصف زرداري جي آهي ان لاءِ عوام انهن سياسي پارٽين کي هرگز ووٽ نه ڏئي جن جي دولت هن ملڪ ۾ نه هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *