الطاف حسين پاڻ نائن زيرو ۾ ڏوهارين جي موجودگي جو اعتراف ڪري چڪو آهي:خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته متحده سربراهه الطاف حسين پاڻ نائن زيرو ۾ ڏوهارين جي موجودگي جو اعتراف ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن گهرن جي تلاشي ليڊيز اهلڪارن کان ڪرائي وڃي ها ته هو آپريشن تي ڪوبه اعتراض نه ڪن ها. خورشيد شاهه چيو ته نائن زيرو تي رينجرز جي آپريشن کانپوءِ الطاف حسين پاڻ ڏوهارين جي موجودگيءَ جو اعتراف ڪيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن گهرن جي تلاش ليڊيز اهلڪارن کان ڪرائي وڃي ها ته هو ان آپريشنتي ڪوبه اعتراض نه ڪن ها. اپوزيشن اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسلام ۾ نفرت پکيڙڻ ۽ دهشتگردي جي ڪابه جاءِ ناهي، جنرل ضياءَ جي مجاهدن اسلام جو اصل چهرو بگاڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي دهشتگرديءَ جي خلاف آهي تنهنڪري سندن قيادت کي دهشتگردن نشانو بڻايو. مخالف ڌر جي اڳواڻ واضح ڪيو ته هو صحيح مذهبي تعليم ڏيندڙ مدرسن جا خلاف ناهن پر هو مذهبي انتهاپسندي خلاف آهن. مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته جمهوريت جي ڪري ئي سينيٽ جو چيئرمين پ پ ڪارڪن رضا رباني ۽ هو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻيو آهي.سيد خورشيد احمد شاھ چيو آهي ته دهشتگردي جو اصل ڪارڻ بک بدحالي آهي جنهن ڪري لشڪرن جا لشڪر دهشتگرد بڻجي رهيا آهن ،هارس ٽريڊنگ جا الزام هڻندڙ عمران خان ٻڌائي ته هن کي 7 مان 16 ووٽ ڪيئن مليا 90 تي رينجرس آپريشن جي جلد ڪميشن رپورٽ اچي ويندي پبلڪ اسڪول سکر جي آڊيٽوريم هال ۾ “پهل پاڪستان پاران رواداري فيسٽيول 2015ع” جي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته اسلام ۾ مذهبي انتهاپسندي نه آهي دين  اسلام ۾ رواداري امن ڀائيچاري ۽ محبت جو درس ڏنل آهي هن چيو ته حڪمران ملڪ ۽ رياست جي مضبوطي لاءِ قدم ۽ توجھ نه ڏيندا آهن ته بيروز گاري،دهشتگردي ۽ مذهبي نفرتون جنم وٺنديون آهن دهشتگردي جو اصل ڪارڻ بک بدحالي آهي جنهن ڪري لشڪرن جالشڪر دهشتگرد بڻجي ويا يا ان رستي ڏانهن وڃي رهيا آهن هن جو چوڻ هو ته اسلام جي تعليم ڏيندڙ مدرسا خراب نه آهن پر اها سوچ آهي ته مدرسن ۾ دهشتگردي ۽ طالبانائزيشن جي تعليم ۽ سکيا ڏني وڃي ٿي ان ڳالھ کي  هو نه ٿو مڃي. جيڪڏهن ڪٿي دهشتگردي يا جهاد جو درس ڏنو وڃي ٿو ته انهن کي مدرسن کان ڌار ڪيو وڃي سنڌ جي ثقافت امن ڀائيچاري  واري آهي پر موجوده صورتحال ۾   شاھ لطيف جي رسالي ۽ صوفي ازم جي ڪتابن کي پڙهڻ بدران لائبريرين جي زينت بڻايو ويو آهي. هن چيو ته، بهتر تعليم ۽ حقوق العباد تي مڪمل طور ڌيان ڏيڻ سان ملڪ مان دهشتگرديءَ جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو، جيسيتائين حڪمران رياست کي پورو وقت ڏيڻ سان گڏوگڏ تعليم، صحت، آبادي، ماحوليات ۽ ٻهراڙي ترقيءَ جي شعبن تي ڌيان نه ڏيندا تيسيتائين ملڪ ترقي نه ماڻي سگهندو ۽ دهشتگردي ختم نه ٿي سگهندي. هن چيو ته آباديءَ تي ڪنٽرول کانسواءِ ترقي نه ٿي ٿي سگهي، جيستائين آبادي ۽ وسيلن ۾ برابري نه ٿيندي تيسيتائين ترقي ناممڪن آهي، حڪمرانن کي گهرجي ته آبادي، ماحوليات ۽ ٻهراڙي ترقي وارن کاتن تي ڌيان ڏين ۽ رياست کي پورو وقت ڏين. تقريب  ۾ پهل پاڪستان جي ڊائريڪٽر سيمسن سلامت، جامي چانڊيو، ڊي آءِ جي سکر سائين رکيو ميراڻي، ابرار پاشا ۽ پوري پاڪستان کان آيل انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *