الطاف حسين پاران مولانا عبدالعزيز جي گرفتاري ۽ جامعه حفصه کي بند ڪرڻ جو مطالبو

لنڊن(م.ڊ) لال مسجد جي خطيب جو تڪرار پشاور سانحي کانپوءِ مذمت کان انڪار ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿيو جنهن تي سول سوسائٽي مسجد ٻاهران احتجاج ڪيو ۽ الطاف حسين جامعه حفصه کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو لال مسجد جي خطيب مولان عبدالعزيز کان هڪ ٽي وي پروگرام ۾ جڏهن پشاور سانحي بابت تاثر پڇيا ويا ته هن جو چوڻ هو ته هو فقط ان واقعي جي مذمت نه ڪندو ان جي ان بيان تي سوشل ميڊيا ۽ ٻين گروهن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، خميس جي رات ۽ جمعي تي سول سوسائٽيجي ميمبرن لال مسجد ٻاهران مظاهرو به ڪيو جمعي تي به لال مسجد ٻاهران اهلسنت والجماعت طرفان به مظاهرو ٿيو جنهن ۾ پشاور سانحي جي مذمت ۽ مولانا عبدالعزيز سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو الطاف حسين ڪراچي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مولانا عبدالعزيز جي رويي جي مذمت ڪندي ان کي گرفتار ڪرڻ ۽ لال مسجد سان لاڳاپيل مدرسي جامعه حفصه کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *