الطاف حسين پاران رابطه ڪميٽي کي هڙتال وارو سڏ واپس وٺڻ جي هدايت

لنڊن (م.ڊ) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين رابطه ڪميٽي کي اڄ هڙتال وارو سڏ واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، رابطه ڪميٽي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل خلاف اڄ پوري صوبي ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو هو جڏهن ته الطاف حسين رابطه ڪميٽي کي اڄ ٿيندڙ هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي الطاف حسين جو چوڻ هو ته حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ان لاءِ شهري سيڪيورٽي لاءِ بازارن ۽ محلن ۾ ڪميٽيون بڻايو ته جيئن پنهنجي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي، هن حڪومت کي اپيل ڪئي ته ڪارڪنن تي تشدد ڪندڙ سرڪاري اهلڪارن خلاف فوري ڪارروائي ڪندي واپارين کي هٿيارن جا لائسنز جاري ڪيا وڃن ۽ جڏهن حڪومت دهشتگردن جو خاتمو ڪري ڇڏي ته لائسنز واپس ورتا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *