الطاف حسين يونيورسٽين جا نالا تبديل، عبدالستار ۽ فاطمه جناح رکڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): متحده قومي موومينٽ (پاڪستان) سنڌ ڪابينا جي منظوري کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي باني جي نالي ته قائم ڪئي ويندڙ الطاف حسين يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪرڻ واري بل جي حمايت ڪري ڇڏي، اسپيڪر اسيمبلي آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيندڙ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ الطاف حسين يونيورسٽين جا نالا تبديل ڪرڻ جو بل پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي پيش ڪيو، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فيصل سبزواري خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي نهايت افسوس ٿو ٿئي ته اسان جي مضبوط موقف ۽ جدوجهد باوجود 70 سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا اسان جي بزرگن ۽ اسان ماڻهن کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو، پر خير اهو اسان جو ملڪ آهي، اسان جي سرزمين آهي، ۽ ان کي ٺاهڻ ۽ هلائڻ اسان جو ڪم آهي، فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، جنهن وٽ پئسا به آهن، ۽ اختيار به، تنهن ڪري ان کي گهرجي ته هتي پبلڪ يونيورسٽي ٺاهي، گڏوگڏ انهن ڄاڻايل بل جي حمايت ڪندي چيو ته سنڌ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آڻي، ان کي ڪنهن به اهڙي فرد جي نالي سان منسوب نه ڪيو وڃي، جيڪو کلي ڪري يا لڪي ڪري پاڪستان جي سالميت خلاف ڳالهائي، ان کان پوءِ سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته ڪراچي ۾ بڻائي ويندڙ يونيورسٽي جو نالو”عبدالستار يونيورسٽي“ جي نالي تي رکيو ويندو، ان کان اڳ سنڌ ڪابينا الطاف حسين جي نالي تي قائم ٿيندڙ يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، وزير اعليٰ هائوس کان جاري ٿيندڙ بيان ۾ ترجمان چيو ته هاڻي انهن يونيورسٽين جو نالو فاطمه جناح يونيورسٽي رکيو ويندو، واضح رهي ته ڊسمبر 2014 ۾ سنڌ اسيمبلي ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ متحده قومي موومينٽ جي باني الطاف حسين جي نالي سان هڪ هڪ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *