الطاف حسين فيصل سبزواري جي بنيادي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي، پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو واپس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين پارٽي قيادت جي سربراهي کان ڌار ٿيڻ وارو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر واپس وٺي ڇڏيو، فيصل سبزواري جي بنيادي رڪنيت معطل ڪئي وئي، الطاف حسين چيو آهي ته اين اي 246 تي نتيجا بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها ملڪ جي خاتمي جي شروعات هوندي. ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خورشيد ميموريل هال ۾ پارٽي جي عهديدارن کي خطاب ڪندي چيو ته هو 40 سالن کان گاريون ٻڌي رهيو آهي، هاڻ وٽس گاريون برداشت ڪرڻ جي سگهه ناهي رهي. هن چيو ته اڪيلو شخص پارٽي جي پاليسي جوڙڻ ۽ عالمي صورتحال تي نظر رکڻ سان گڏ ماڻهن جي بيانن، ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڪم به ڪري رهيو آهي، جنهن کيس ٿڪائي ڇڏيو آهي. الطاف حسين چيو ته عمران خان هڪ ٽاڪ شو ۾ کيس قاتل سڏيو ۽ چيو ته ميڊيا وارا مجبوري ۾ سندس خطاب هلائيندا آهن. هن پي ٽي آءِ سربراهه تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي بيهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ خطاب ڪيا، اهي به ميڊيا تي ڏيکاريا ويا. الطاف حسين چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن جي نالي تي سندن ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *