الطاف حسين سنڌ جا شڪ ختم ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لنڊن(م.ڊ) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خاطر سنڌ جا شڪ ۽ اعتراض ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ الطاف حسين چيو ته ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب فوتگين کانپوءِ سرد خانن ۾ ميتون رکڻ جي جاءِ به ناهي ، سندس چوڻ هو ته پاڻي نه هجڻ ڪري ڪراچي ۾ قيامت ڪڙڪي پئي آهي، پاڻي جي فراهمي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ننڍا ڊيم ٺاهيا وڃن، جڏهن ته سنڌ جا شڪ ۽ اعتراض ختم ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو وڃي، ان ڏس ۾ چئني صوبن جي ماهرن جو اجلاس به سڏايو وڃي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *