الطاف حسين جي عزت ڪيون ٿا، اسان جي به عزت ڪئي وڃي: جهانگير بدر

لاهور(م.ڊ) پيپلزپارٽي جي اڳوان جهانگير بدر چيو آهي ته اسان الطاف حسين جي عزت ڪريون ٿا اسان جي قيادت جي به عزت ڪئي وڃي بلاول هائوس لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب ڪندي جهانگير بدر جو چوڻ هو ته ڪابه پارٽي اسان جي ليڊر جي عزت نه ڪندي ته اسان ڪارڪنن کي اجازت ڏيندس ته هو جواب ڏين عدالت ۾ وڃڻ الطاف حسين جو حق آهي هو عدالتن ۾ وڃي اسان به عدالتن ۾ وينداسين پوءِ اهو پاڪستان هجي يا لنڊن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *