الطاف حسين جو آصف زرداري کي فون، رضا رباني جي ڪاميابي تي واڌايون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان رابطو ڪري سينيٽ چيئرمين لاءِ اپوزيشن جي گڏيل اميدوار رضا رباني جي يقيني ڪاميابي تي واڌايون پيش ڪيون. الطاف حسين آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. متحده سربراهه الطاف حسين، وزيراعظم نواز شريف پاران سينيٽ چيئرمين لاءِ اپوزيشن جي گڏيل اميدوار رضا رباني جي حمايت جي اعلان کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي ان جي يقيني ڪاميابي تي واڌايون پيش ڪيون. هن چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته سياسي ۽ مذهبي جماعتون سياسي اختلافن کي وساري ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته سمورين جماعتن جي سهڪار ۽ دعائن سان الله تعاليٰ کين ڪامياب ڪيو جڏهن ته هيءَ ايم ڪيو ايم سميت سمورين اپوزيشن جماعتن ۽ عوام جي ڪاميابي آهي. الطاف حسين ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ ڳالهه ٻولهه دوران صوبي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *