الطاف حسين بلديه فيڪٽري جي متاثرن کان ڪڏهن معافي وٺندو: سراج الحق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته الطاف حسين اسٽيبلشمينٽ کان معافي ورتي آهي پر بلديه ٽائون فيڪٽري، 12 مئي ۽ طاهر پلازه سميت ٻين هزارن مقتولن جي وارثن کان ڪڏهن معافي وٺندو. دنيا جي ڪابه طاقت ۽ ڪنهن به قسم جي معافي متحده کي نٿي بچائي سگهي، 23 اپريل تي حلوو کائڻ نه ڏينداسين. نصيرآباد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته ڀتو نه ڏيڻ تي 259 مزدورن کي جيئرو ساڙيو ويو، پنهنجي طاقت جو مظاهرو  ڪرڻ لاءِ 12 مئي تي ڪراچي جي روڊن تي لاش وڇايا ويا، طاهر پلازه ۾ وڪيلن کي جيئرو ساڙيو ويو، ريلين تي حملا ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي ماريو ويو، الطاف حسين جي ڳچيءَ ۾ هزارين بي گناهن جو خون آهي، اسٽيبلشمينٽ جي معافيون سان الطاف حسين جا گناهه نٿا دوپجي سگهن. سراج الحق عوام کي اپيل ڪئي ته 23 اپريل تي لاشن تي پلجندڙ لساني گروهه کي رد ڪري ايماندار قيادت کي چونڊيو وڃي. سراج الحق چيو ته پاڪستان کي تقسيم ڪندڙ نفرت جي ديوار ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ ظالم ۽ مظلوم جي ويڙهه آهي، قوميتن جي نه، اهڙو ڪراچي بڻائينداسين ته الطاف حسين موٽرسائيڪل تي هتي گهمندو، فيصل موٽا ۽ اجمل پهاڙي کي واپس صديقي بڻائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *